سيد حاجي محمد حافظ شاهه

سيد حاجي محمد حافظ شاهه: حافظ شاهه'>سيد حاجي محمد حافظ شاهه، سيد الهه بخش شاهه جو چوٿون نمبر فرزند، علامه سيد اسدالله شاهه حسينيءَ جو ڀاءُ، 20 شوال المڪرم 1287هه مطابق 13 جنوري 1871ع تي اڳينءَ ٽکڙ (موجوده ضلعي ٽنڊي محمد خان) ۾ ڄائو. کيس ننڍپڻ ۾، حافظ يوسف جي مڪتب ۾ پڙهڻ ويهاريو ويو، جتي قرآن ڪريم جي پڙهڻ سان گڏ سنڌي ۽ فارسيءَ ۾ به چڱي مهارت حاصل ڪيائين ۽ عربي ’سراجي‘ تائين پڙهيو.
سيد حاجي محمد حافظ شاهه، طريقت ۾ خواجه عبدالرحمان سرهنديءَ جو مريد ٿيو. خواجه صاحب به مٿس مهربان هوندو هو. ساڻس گڏ ڪيترا ڀيرا ڪوئيٽا، ڪابل ۽ قنڌار جي سفر تي به ويو. حافظ شاهه جيتوڻيڪ نقشبندي هو، پر راڳ کي روح جي غذا سمجهندو هو. سندس اوطاق تي هميشه راڳيندڙن، نڙاين ۽ بانسرين وارن جو ميڙ رهندو هو. ڏور بيت چوندڙ سگهڙ ۽ سچيت ماڻهو هميشه سندس ڪچهريءَ ۾ رهندا هئا. سيد صاحب نهايت نازڪ ۽ نفيس لباس پائيندو هو. خوشبوءِ لڳائڻ سان خاص شوق هوندو هئس. خوش خلق، رلڻو ملڻو ۽ خوش طبع شخص هو. هن ٽکڙ ۾ راندين کي زور وٺايو. اٽي ڏڪر، ونجهه وٽي ۽ وڏ ڪٻل جا مقابلا ڪرائيندو هو.
ماڻهن جو هڏ ڏوکي هو. جڏهن ٽکڙ ۾ سخت برساتون پونديون هيون ته سيد حافظ شاهه، لٺ هٿ ۾ کڻي هر ڪنهن غريب جي گهر وڃي سندس خبرگيري ڪندو هو.
حافظ حامد کانپوءِ حافظ شاهه'>سيد حاجي محمد حافظ شاهه اهو شاعر هو، جنهن جي ڪلام ۾ سوز ۽ درد هوندو هو. چون ٿا ته حافظ شاهه جي شاعريءَ جي شروعات ائين ٿي، جو هڪ ڏينهن سير ۽ تفريح ڪندي، ’جوڻ واهه‘ جي ڪپ تي اچي نڪتو ۽ اتي هڪ دوشيزه نازنين ڪپڙن ڌوئندي سندس دل کي ڌتاري ورتو. تنهن کانپوءِ سڄڻ جي سڪ ۾ روئندو رهيو، برهه ڀڙڪو کاڌو ۽ ان عشق ۾ سڪون ۽ چين وڃائي ويٺو. ڪنهن همدرد جي صلاح سان پنهنجي عشق جو احوال پنهنجي پير طريقت سان اوريائين، جنهن کيس دعا ڪئي ۽ سندس درد ۽ سوز شعر جي صورت اختيار ڪئي. غزل جي ڀيٽ ۾ مداحون ۽ ڪافيون جام لکيائين.
محمد حافظ شاهه سان موٽيو، عيسو ۽ لونگ شيدي گڏ هوندا هئا. پاڻ شعر چوندو ويندو هو ۽ کين ياد ڪرائيندو ويندو هو. ڪافيون اول پاڻ سُر سان چوندو هو، پوءِ فقير چوندا هئا. سندس ڪافيون ٽکڙ جي ننڍي وڏي جي زبان زدعام هونديون هيون. عشاء جي نمازکان پوءِ سندس اوطاق تي محفل مچندي هئي.
حافظ شاهه عوامي شاعر هو. حافظ شاهه جو ڪلام گهڻو ڪري ڪافين جي صورت ۾ آهي. سندس ڪلام عام فهم ۽ سليس آهي. سندس اڪثر ڪلام گم ٿي ويو، پر سندس هٿ آيل ڪلام ’پيام غمگسار‘ جي عنوان سان ڊسمبر 1954ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.
حافظ شاهه، 5 صفر 1337هه/ 10 نومبر 1918ع تي وفات ڪئي. کيس حضرت خواجه عبدالرحمان واري مقام ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ سيد حاجي محمد حافظ شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1871.01.13  عيسوي

سيد حاجي محمد حافظ شاهه، سيد الهه بخش شاهه جو چوٿون نمبر فرزند، علامه سيد اسدالله شاهه حسينيءَ جو ڀاءُ، 20 شوال المڪرم 1287هه مطابق 13 جنوري 1871ع تي اڳينءَ ٽکڙ (موجوده ضلعي ٽنڊي محمد خان) ۾ ڄائو.


1918.11.10  عيسوي

حافظ شاهه، 5 صفر 1337هه/ 10 نومبر 1918ع تي وفات ڪئي. کيس حضرت خواجه عبدالرحمان واري مقام ۾ دفن ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بهلول
خواجه محمد صالح کڙائي
بلوچ ڊاڪٽر عبدالحئي
حسن علي عبدالرحمان
پيرل سومرو
بابا فريد مسعود گنج شڪر
جتوئي وحيد
عبدالهادي سرهيو ڊاڪٽر
شـمس جـعـفـراڻي
چچ پٽ سيلائج برهمڻ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون